عالم گوپانگ

عالم گوپانگ: سگهڙ عالم گوپانگ جو پورو نالو محمد عالم ولد ڏتل خان گوپانگ آهي. سندس جنم 1944ع ڌاري ڳوٺ مبارڪ فقير گوپانگ، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ سگهڙن کان ڏور بيت ٻڌندي کيس به شوق ٿيو. استاد عبدالله لنڊ کان سگهڙپائيءَ جي فن جي سکيا وٺي ڏور، بيت، سينگار، مرثيه، ڳجهارت، پهاڪا، نصيحت، منقبت ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. پاڻ اڻپڙهيل هجڻ باوجود سگهڙپائيءَ جي فن ۾ چڱو نالو ڪمايو اٿس. قلندر لعل شهباز، شاهه لطيف، سچل سرمست سميت ٻين ننڍن وڏن ميلن ۽ سگهڙ ڪانفرنسن ۾ پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. کيس استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي فن ۾ مڃتا اوارڊ پڻ مليو اٿس. هاڻي به وڏي عمر باوجود ثقافتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو.


لفظ عالم گوپانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو